امداد جعفري

امداد جعفري

امداد جعفري

امداد جعفري: شاعر ۽ تنقيدنگار، امداد علي جعفري ولد رسول شاهه'>سيد غلام رسول شاهه ’غمناڪ‘ 15 جنوري 1970ع تي ڳوٺ اڳري راهو، تعلقي هالا، ضلعي مٽياري ۾ ڄائو. سندس اصل نالو سيد امداد علي شاهه آهي. پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ثانوي تعليم هاءِ اسڪول ڀليڏني ڪاڪا مان ۽ انٽر هالا ڪاليج مان ڪيائين. ايم. اي (سوشيالاجي) ۽ بي ايڊ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين، جڏهن ته ايم. ايڊ، سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽيءَ، ٽنڊي ڄام مان ڪيائين. 1997ع ۾، سوشل ويلفيئر آفيسر لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏنائين، جنھن ۾ سڄي سنڌ مان پھريون نمبر کنيائين. هن جي ادبي سڃاڻپ شاعر ۽ تنقيد نگار طور آهي. سنڌ جي سڀني رسالن ۽ مخزنن ۾ سندس شاعري ۽ تنقيدي ادبي مضمون شايع ٿيندا رهن ٿا. نوجوانن ۾ شعر جو سٺو اڀياس رکي ٿو، گڏوگڏ تنقيدي نقطه نظر اعليٰ اٿس. هو سنڌي ادبي سنگت جو پڻ حصو آهي ۽ پنھنجي والد غلام رسول شاهه ’غمناڪ‘ جي شاعري ۽ شخصيت تي تحقيقي ڪم ڪرائڻ لاءِ هڪ ٽرسٽ پڻ قائم ڪيل اٿس. سماجي حوالي سان مختلف علائقائي تنظيمن ۾ پڻ رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.01.15  عيسوي

شاعر ۽ تنقيدنگار ، -امداد جعفري- ولد سيد غلام رسول شاهه ، 15 جنوري 1970ع تي ڳوٺ اڳري راهو ، تعلقي هالا ، ضلعي مٽياري ۾ ڄائو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسد بيگ اسد مرزا
تلسيداس
آدم هنڱورجو
سليم جعفر
اقبال رند
ذوالفقار سيال ڊاڪٽر
خواجه غلام حسين ملنگ
خانڻ چنجڻي
صابر علي مير ٺٽوي
زرڪ خان لاشاري
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون